رکيل شاهه جو ميلو

رکيل شاهه جو ميلو

رکيل شاهه جو ميلو

رکيل شاهه جو ميلو: حضرت سيد صوفي رکيل شاهه جو ميلو هر سال 11، 12 ۽ 13 مارچ تي فتح پور شريف، بلوچستان ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويندا آهن، جيڪي نهايت ئي خوبصورت انداز سان سجيل هوندا آهن. هن ميلي ۾ ٽي ڏينهن محفل موسيقي پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ماڻهو باسون باسڻ ۽ دعائون گهُرڻ ايندا آهن. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ مان آيل عقيدتمندن ۽ مريدن لاءِ لنگر به ورهايو ويندو آهي ۽ ماڻهو وڏي دلچسپيءَ سان هن ميلي ۾ شريڪ ٿيندا آهن.


لفظ رکيل شاهه جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو